Mata Pevand Ja Jas

Spread the love
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  

ماتا پيوند جا جس 

ماتا پيوند برهمڻ ڪُل مان هئي ۽ پرماتما جي تمام گهڻي ڀڳتي ڪندي هئي. فقير پاربرهم جي ميلي جو ۽ جوت جي درشن جو ٻين ياترين واتان ٻڌو ۽ تڏهن سندس دل ڇڪ ڏني ته مان پڻ ويڙهيجپ وڃي ان درويش جو درشن ڪريان. هڪ دفعي اها اڪير دل ۾ رکي ڪن ماتائن سان گڏجي ان درويش جي ميلي تي آئي پو۽ پاڻ سڀني کي چوندي هلي ڪي پريبرهم جو ميلو ڏور ٿو ڏسجي. ان بابت ماتا پيوند سائين جو جَس چيو آهي ۽ ماتا پيوند ان کان علاوه ڏاڏي پاربرهم جا انيڪ جَس چيا آهن. هر هڪ جَس سوتراميل ارٿ ۽ بنگلا سان ٺهيل آهن پر ڪن پرميين ٻن ٻن جَسن کي ملائي هڪ ڪري ڳايو آهي. جنهن ڪري اَهو سوتراميل نٿو ٿئي ۽ جَس جا ٻيان ڪيترا ئي چرن ٻين سنتن پاڻ شامل ڪري ٺاهيا آهن. ماتا پيوند جنهن به ڀڄن کي چوندي هئي اها دهُل تي پڻ ساڳئي سُر ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو جئين ميران ٻائي پنهنجي سِڌ ۽ ٻڌ ڀلجي گرڌر گوپال جي پريم ۾ نچندي هئي. تئين ماتا پيوند پڻ ڏاڏي پاربرهم جي پريم ۾ بانوري ٿي ويندي هئي. ماتا پيوند پيرن پنڌ ويڙهيجپ تي هلڻ جو نشچو ڪيو ۽ مٿي جي پوتي ڳچي کي ويڙهي سندرو ٻڌي ڇڙي صاحب  سان پيرين پنڌ هلڻ لڳي ۽ سائين کان سوال ڪيائينئ پيرئين آءٌ نه پڄڻي حڪم سان هلاءٌ. ماتا پيوند کوروڙي جي دار ۾ پهتي جتا ويڙهيجپ باقي ٻه ميل جي فاصلي تي هو. اتُي ماتا پيوند کي ٿورو ٿڪ معلوم ٿيو ۽ ڪجهه اندر ۾ اڪير هئس جنهن ڪري جلد ملڻ لا۽ پڇا ڪيائين ته اڃا ڪيترو پنڌ آهي. ڇڙيدار جواب ڏنو ته هو پهريان جيڪي ڄاريون آهن اهِي ويڙهيجپ جي پهرين ڀٽ جو آهن ۽ جئين ويجهو ايندا ويا تئين ڇڙيدار کيس ٻڌايندو هو ته هو ڄار آهي جنهن ۾ ڌڄا ڏسجي پئي هو سائين جو ڪنڊو آهي. کيس ٿڪ لهي ويو ۽ ڇڙهي وٺي ڪلهن تي رکيائين ۽ پهريون جَس هن ريت چيائين.

ڀِٽون ڏِٺم پارو ڏيو جون منهنجي اندر ٿيو آرام

آءٌ تو کي نمان منهنجا ڏس جا ڏيو، ڏي ديا جو دان

ماتا پيوند ٻائي جا ٻيا ڪيترا ئي جَس پڙهڻ لاءِ هيٺ ڏنل جَسن جي ٻول تي ڪلڪ ڪريو

ڀٽون ڏٺم پارو ڏيو جون منهنجي اندر ٿيو آرام

ڀٽِون ڏٺم پارو ڏيو جون منهنجي اندر ٿيو آرام

آءٌ تو کي نمان منهنجا ڏس جا ڏيو، ڏي ديا جو دان

ڄار ته ڏٺم پاروُ ڏيو جي منهنجي اندر ٿيو آرام

ڪنڊو ته ڏٺم سچي سائين جو منهنجي اندر ٿيو آرام

پڙ به ڏٺم پاروُ ڏيو جو منهنجي اندر ٿيو آرام

ڪٽُياوُن ته ڏٺم ويڙهيجپ جون منهنجي اندر ٿيو آرام

سماڌ ته ڏٺم سچي سائين جي منهنجي اندر ٿيو آرام

ڀنڊارو ڏٺم ويڙهيجپ جا منهنجي اندر ٿيو آرام

ڀيل ته ڏٺم پاروُ ڏيو جا منهنجي اندر ٿيو آرام

دهلاري ڏٺم پاروُ ڏيو جا منهنجي اندر ٿيو آرام

پخالي ڏٺم پاروُ ڏيو جا منهنجي اندر ٿيو آرام

پيوند پهتي تنهنجي پڙِ ۾ ڀري تو در ٿي سلام

مٺو تنهنجو ميلو عجب تنهنجو ميلو

 مٺو تنهنجو ميلو عجب تنهنجو ميلو
پاربرهم اوتار …..
ڇڙي ته تنهنجي سهڻي آءُ گهوري وڃان
چَتن جي چينگار …….
سماڌي تنهنجي سهڻي ري پاربرهم
چوڪنڊي چوڌار …..
ڄاريون تنهنجون ڄامڙيون او پاربرهم
لڏن منجهن لال لهار …..
پکالي تنهنجي پڙ ۾ او پاربرهم
ڪن پاڻيءَ ڇٽڪار …..
سماڌ ڌاري ڦرندي او پاربرهم
لڌم موتين هار …..
ڄار منجهان تنهنجي جوت جاڳي
درشن ٿيا ديدار …..
گڻ تنهنجا ڪهڙا ويهي ڳايان او پاربرهم
آهين پاڻ آپار …..
در تنهنجي تي هلي جي آيڙا
جوان ٻڍا ٻيا ٻار …..
”پيوند“ ڪري تنهنجي وينتي ڙي پاربرهم
ڪر ڪُل جي ﺟﺌﻪ ڪار …..

هنج مور ٽلي ڏاڏو هندِوري ۾ جهولي

ٿل؛ سونو ٻيڙو پاربرهم تنهنجي وات

هنج مور ٽلي، فقير هندورن ۾ جهولي

ڏاڏا تنهنجا پوٽا آهن هوشيار

جيڪي جهاٽ سنڀرايندا چنڊ جي رات …..

ساﺋﻴﻦ تنهنجا ڇڙيدار آهن هوشيار

جيڪي ڳڙي چاڙهيندا چنڊ جي رات …..

ڏاڏا تنهنجا ڀنڊاري آهن هوشيار

جيڪي ديڳيون چاڙهيندا چنڊ جي رات …..

ساﺋﻴﻦ تنهنجا ڀيل آهن هوشيار

جيڪي ڪٽياﺋﻮن ٺاهيندا چنڊ جي رات ….. 

ڏاڏا تنهنجا ستسنگي آهن هوشيار

جيڪي شبد ڳاﺋﻦ ٿا چنڊ جي رات …..

ڏاڏا تنهنجي پيوند آهي هوشيار

جيڪا جسَ ڳاﺋﻲ ٿي چنڊ جي رات …..

جيءُ جاڳي اماءُ پاٿي جوت پريبرهم جي

سائين وَسي سدا وَسي اَما پاٿي ميلو پريبرهم جو

ستو آهين سرڳ ۾ آءُ گهوري وڃان

اوڍي اڇڙا ڇيڙ جيءَ جاڳي ….

سرکتي سلطان ۾ آئون گهوري وڃان

سرهو ٿيو سنسار ….

ڪارو ڀالو تنهنجي هٿ ۾ آءُ گهوري وڃان

جهاٽين جا همراه ….

چار مٿي جا ڪنجڙي آءُ گهوري وڃان

ڇڙي سونو سينگار ….

روٽ پرساد منهنجي هٿ ۾ آءُ گهوري وڃان

آڻيان لوڌرپار ….

ٿارونءَ وات تنهنجي ٿان ۾ آءُ گهوري وڃان

جوتين جو جنسار ….

پيوند ڪري تنهنجي وينتي آءُ گهوري وڃان

اڙين سان ئي آڌار ….

جڳه ڪري فقير جا بٽ گهرائيه جڳا نو جڳه ڙي

ڄار واري يگ
ونگي ۾ تنهنجا وداڻا آءُ گهوري وڃان ڇڙيءَ

ڳائجن جَس …….

ڇڙي سان جيڪي آيڙا آءُ گهوري وڃان

جهاٽي ڇگڙئي گس …….

واڌائو بنڍاري تنهنجي پڙ ۾ آءُ گهوري وڃان لاهين
ديڳين جا دس …….

هر هنڌ تون حاضر آءُ گهوري وڃان ويڙهيجپ

ويڙهيجپ ۾ وَس …….

پيوند ڪري تنهنجي وينتي آءُ گهوري وڃان ڳائي

سائين جَس …….

error: Content is protected !!