Melo ~ Rattan Sangat

Spread the love
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  

ڏاڏا پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِو

رَتن سنگت

شري تاراچند ڪوٽڪ

شِرِي پاربِرهم پَرِيبِرھم پارُو-ديوَ جوتيءَ سرُوپ جيڪو پارُو فقِير يا شِرِي پاربِرهم جي نالي سان سڄي ٿر توڙي پُورِي سِنڌ ۽ سناتن ڌرم ۾ هِڪ اُوچو پَد رکي ٿوـ

ڏاڏي پاربِرهم جو ميلو هر سال ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏِيپلو شهر جي ويجهو ويڙهِيجَپ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄيٺ جي مهيني ۾ شُڪل پَڪش جِي تِٿ نومِي کان پَڙوا تائين لڳندو آهي ـ
ورهاڱي(سنہ1947ع) کان اڳ تہ شِرِي پاربِرهم جو ميلو ڄيٺ مهيني جي شُڪل پنچمِي تِٿ کان لڳندو هو. اُن کان پوءِ آهستي آهستي ميلو گهٽ ڏينهن لڳندو ويو. سال 1971ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ کانپوءِ حالتون ناسازگار هُجڻ ڪري هيءَ ميلو صرف 3 ڏينهن لاءِ لڳايو ويو ۽ ميلي تي عورتون بہ نہ اچِي سگهيون سواءِ هِڪ رامان ٻائيءَ صاحبہ(پِير پَڇمائِي آشرم ڏِيپلو) ۽ سندس شيوا چاڪريءَ لاٰءِ ٻائيءَ ٽِلان جي، اُنھن کي ڏِيپلو جي سيٺ ڏيارام، سيٺ ڀورو مل ۽ سيٺ گنگارام ڏِيپلو مان وٺِي آيا هئا. هِن وقت هيءَ ميلو ڄيٺ جي شُڪل پَڪش جِي تِٿ ڏَسم کان پَڙوا تائين ست ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن مان وڏي تعداد ۾ جاٽِئيڙا زالين مردين اچن ٿاـ
هن ميلي ۾ سائين جا عقيدتمند جِتي جِتي ڏاڏا پاربِرهم پرِيبِرھم سائين جون ڇَڙهيون صاحب اِسٿاپت ٿيل آهن تِن کي ڏاڏا پاربِرهم پرِيبِرھم جو ساکيات رُوپ سمجِهي کين سينگاري اِنتهائِي عقيدت ۽ اِحترام سان پنهنجي ڪُلهن تي کڻِي پيرين پنڌ (پيادل) مختلف شهرن جهڙوڪ راڄوخاناڻِي، بَدِين، ڪلوئِي، ٽنڊوباگو، اِسلام ڪوٽ ۽ ڏِيپلو مان سائين جي پوِيتر پِڙ ۾ پهچائيندا آهن. هيءَ ميلو شايد پُورِي دُنيا ۾ هِڪ ئِي آهي جو سائين جوتيءَ سرُوپ پاربِرهم پرِيبِرھم پاڻ پنهنجِي ڄار صاحب مان ساکيات درشن ڏيئِي پنهنجن جاٽيَن کي ڪرتارٿ ڪن ٿا. اِنهيءَ ڪري هِن ميلي کي هڪ اِنفرادِي حيثيت حاصل آهي ـ
ميلي جِي شروعات سائين جن جِي ڇَڙھيءَ صاحبن کي گڏجِي عِزت ۽ اِحترام سان سَـدا-شِـو جي ٻولن سان وَڌائي پِڙ ۾ ڏاڏا پاربِرهم جن جِي سماڌيءَ جي اڳيان اِسٿاپنا ڪئِي ويندِي آهي. اِهو درشيَہ ڏِسڻ وٽان هوندو آهي. هر هِڪ جاٽيءَ چاهيندو آهي تہ هُوءَ هِڪ وار ڇَڙھيءَ صاحبن جو درشن ڪري کين سَپرش(ھٿ لائي) ڪري ڪرتارٿ ٿِئي. اُن وقت پُوري پِڙِ ۾ سَـدا-شِـو سَـدا-شِـو جي نعرن جِي گُونج هوندِي آهي. هر ڪو آنند ۽ مؤج ۾ هوندو آهي. ڇهہ ئِي ڇَڙِھِيدار ڇَڙھيءَ صاحبن کي ڪُلهو ڏيئِي سڀ کان اڳ ۾ هوندا آهن اُنهن پويان ڏاڏي جي جاٽيَن، زالن توڙي مَردن ۽ ٻارن جو سمنڊ سَـدا-شِـو سَـدا-شِـو جي نعرن سان ايئن پيو اِيندو آهي جيئن ڪنهن مهاراجا جِي سوارِي پيئِي اچي. اِهو ڏينهن ڏَسم جو ھوندو آھي. ڇڙھيءَ صاحبن کي اِسٿاپت ڪري پَلئہ پائي جاتيءَ، مُلڪ، حاڪم ۽ رعيت جي ڀَلي لاءِ ارداس ڪئِي(دُعا گهُرِي) ويندِي آهي ۽ ائين سائين جي ميلي جِي شروعات ٿيندِي آهي.
ٻيو ڏينھن اِگيارس(نِرجلا ايڪادشِي) جو پُڻيَہ وارو ڏينهن هوندو آهي، اِنھيءَ ڏينھن اسُر کان ئِي سڄِي جاٽ اِشنان-پاڻيءَ ڪري تيار ٿِي سَماڌيَن تي مٿو ٽيڪي، پرشادِي ۽ ڌُوپ اگربتيون کڻِي ھٿن ۾ ننڍيون وڏيون ڌَڄائون (جهنڊا) کڻِي سنتن، مھاتمائن ۽ براھمڻن جي اڳواڻِي ۾ ستسنگ ڪندا ھلندا آھن مِٺڙيءَ ۽ سُھڻيءَ ڄار صاحب جِي پردکشڻا (پرڏکڻا) ڪرڻ لاءِ ـ
اُن وقت پِڙ کان مَٿي ڄار صاحب ڏانھن ويندڙ رستي تي جاٽيَن جو نظارو ائين ڀاسندو آھي ڄڻ تہ رنگ برنگِي ويس ۾ ڪُونجڙيَن جِي ڪا قطار پيئي وڃي ـ
اُتي مِٺڙِي ڄار صاحب جا دِيدار ڪري پنھنجا نيڻ ٺاري، ڌُوپ اگربتِي ڪري، پرشاد ڀينٽ ڪري، مٿو ٽيڪي، خاڪ (ڌوڻي جِي ڀَڀُوت) کائِي، آرتي ارداس ڪري، منو ڪامنائون پُورڻ ڪرڻ جون باسُون باسي موٽندي اچن راوَل پِير جِي حاضرِي ڀرِين. ھِڪڙا پيا وڃن ٻيا، پيا اچن. اِھو سلسلو ھلي سڄو ڏينھن، شام جو آرتي ٽاڻي تائين.
ٽئين ڏينهن تِٿ ٻارس جو ڏاڏي پاربِرهم ۽ ماتا جن جِي سَماڌ صاحبن اڳيان سائين جِي ڌَڄا صاحب اسٿاپت ڪئي ويندي آهي. اُنهي لاءِ شُڀ مُهورت ۾ وِڌيءَ پُوروَڪ ڪنھن وِدوان پنڊت براھمڻ آچاريہ دواران هَوَن يگيہ ڪيو ويندو آهي. هن يگيَہ جا مُکيَہ ججمان(يَجمانَ) ميلي جِي اِنتظاميہ ڪميٽِي مان ئِي هوندا آهن، يگيہ ۾ گهڻو ڪري سڀيئِي ڇـڙھِيدار، ڳَـڙِيدار، پخالِي، پنڊت مهاراج، ساڌُو سنت مھاتما ۽ جاٽِي، سڀيئِي شريڪ ٿيندا آهن. يگيہ جِي پُورڻ آهوتيءَ جي وقت رتن سنگت جا سڀ شيواڌارِي ڌَڄا صاحب کي وَڌاوڻا ڳائي خوشيءَ ۾ نچندي جهُمريون هڻندي جَل آشرم تان آڻي سَماڌ صاحبن جي پرڪرما ڪرائڻ کانپوءِ هَوَن يگيہ جِي پُورڻ آھوتيءَ تي ھَوَن ڪُنڊ جِي پرڪرما ڪرائي يگيہ جي پوِيتَر منترن سان ميلي جي مُک انتظاميہ، مُک ڀنڊاريءَ يا مُک ڇَڙھِيدار کان ڌَڄا صاحب اِسٿاپت ڪرائيندا آهن. اِهو درشيہ بہ نہ وِسرڻ جهڙو هوندو آهي. پُوري پِڙ ۾ هَوَن جِي هُٻڪار هوندِي آهي ـ
پوءِ تہ سڄو ڏينهن اِهڙو ئِي آنند پيو مِلندو آهي. ڪنهن مھل ڪنھن ڪُٽيا کان تہ ڪنهن مھل ڪنهن ڪُٽيا کان ڪي جاٽيءَ ٽولن جي صورت ۾ سائين جِي سَماڌيءَ ۽ ماتا ميگهہ ٻائيءَ جن جِي سماڌيءَ تي چادرون پيا چاڙهين تہ ڪي ورِي مستيءَ ۾ مست ٿِي ڀڄن پيا ڳائِين، مطلب تہ سڄو ڏينهن جنگل ۾ منگل هوندو آهي. روزانہ صُبح جو جاٽ اِشنان ڪري پوِيتَر ٿِي ڏاڏا سائين ۽ ماتا جن جِي سماڌيَن تي شِيش نِوائي سائين جِي ڌَڄا صاحب ۽ ڄار صاحب جا درشن ڪري پوءِ پنهنجي شيوا ۾ لڳي ويندا آهن. ائين اِها مؤج مستيءَ ميلي جي ست-نارائڻ (پُونَم) يا ڪڏهن اُن کان اڳ، تڏهن پنهنجي عرُوج تي پهچي ٿِي جڏهن سائين راضِي ٿِي پنهنجي پاڻ کي جوتيءَ جي رُوپ ۾ پرگهٽ ڪري درشن ڏين ٿا. اُن وقت سائين جِي جوت جو درشن پَسڻ سان ئِي جِسم ۾ عجِيب شڪتيءَ محسوس ٿيندي آهي ۽ درشن ڏِسڻ واري جِي ڪيفيت وجداني ٿِي ويندي آهي. ٻَلھار وڃان مِٺڙي مُرشد جوتيءَ سرُوپ سائين پاربِرهم پرميشوَر جي نام تان، شل هر سال سائين اسان سڀنِي جاٽيَن کي پنهنجي درشن جو دِيدار ڏيئِي اسان کي ڪرتارٿ ڪري ـ
اُن کانپوءِ اڌ جاٽ تہ رات جو ئِي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽڻ جي ڪري، باقِي بچيَل جاٽ ٻِئي ڏينهن تِٿ پَڙوا تي ٿَڪل ۽ مايوس ٿيو پوي، ڇو تہ ڇهہ ڏينهن تہ مؤج مَستيءَ ڪئِيسِين، سائين جا دِيدار ڪري دِلڙيون ٺاريُونسِين. هاڻي وري شام جو ميلي جِي پُڄاڻِي ٿِي ٿئي. سڀنِي پيارن جاٽيَن کان موڪلائڻو پوندو، اِنھيءَ اُميد سان تہ ڏاڏو پاربِرهم پَرِيبِرھم ورِي وِڇڙيَل ڪڏهين ٿو مِلائي، الائي هاڻوڪي سال ڪير هوندو؟ جِي-جِيئرن جا ميلا آهن ـ ـ ـ ـ

ڏاڏا تُنهنجي دَر تي، سِـڪ سان ڪريُون سوال
سـُـوال سُـڻِـي سُوالـــيَن جـا، سـدا ٿِـي رکـپـال 
ڪر نظر سان نِھال، هن ساريءَ رتن سنگت کي ـ

پنهنجا قيمتي رايا اسان کي ضرور ڏيو تہ جيئن اسان هن ويب سائٽ کي وڌيڪ بهتر نموني توهان اڳيان آڻي سگهون ـ

2 thoughts on “Melo ~ Rattan Sangat

  1. SADASHIV MUJE FAKEER PARIBRHAM KI FULL STORY CHAHIYE HINDI YA ENGLISH ME JO AAP MUJE DE SAKTE HAI MUJE SINDHI NAHI AATI HAI HUM YHA CHADI SAHEB KA MELA HAR JUNE MAHINE ME MNANTE HAI

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !!
%d bloggers like this: