Chhadi Sahib

Spread the love
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  
  •  

ڏاڏي پاربرهم جون ڇڙيون ۽ انهن جا ورنن

(ڀڳت دولترام لالواڻي)

فقير پاربرهم پنهنجي مڱيندي کي پوتي اوڍائي ڌرم جي ڀيڻ ڪري سڌو هنگلاج ماتا جي درشن تي روانا ٿيا. تڏهن هنگلاج ماتا فقير پاربرهم جا اهي سد ڏسي هڪ ترشول پيش ڪيو ۽ ورڌان ڏنو ته هن ترشول جي زريعي دکين جا دک دور ڪج. هنگلاج کان پو۽ فقير پاربرهم سڌو دوارڪاناٿ، بدري ناٿ، ڪيلاش ناٿ ۽ ٻين تيرٿن ڏانهن روانو ٿيو. جتان به فقير پاربرهم کي شڪتي روپ ترشول ڀيٽ ۾ مليو ڇو ته فقير پاربرهم ۾ انهي مهان هستين نراڪار ۽ ساڪار روپ ٻنهي جو دشن ڪيائون ۽ انهي لائق سمجهائون. اهي مليل ترشول اڳتي هلي ڇڙي صاحب جي روپ ۾ هن وقت فقير پاربرهم جي ميلي تي ڏاڏي جا پانڌئيـڙا سينگاري، پيرين پيادي ڪلهي تي کڻي هر سال ايندا آهن. انهن ڇڙين ۾ ڪي اهي ترشول به آهن جيڪي فقير پاربرهم کي تيرٿ ياترا دوران ڀيٽ ٿي مليا هئا ۽ باقي اهڙا ترشول آهن جيڪي پوءِ ڏاڏي پاربرهم پنهنجي سچن شيواڌارين کي سپني ۾ درشن ڏئي پوري پارپتي سام انهن کي پردان ڪيا.

هونهن ته هن وقت سنڌ ۽ هنڌ ۾ ٽوٽل 28 يا 30 کن ڇڙي صاحب هونديون. پر موجوده وقت سنڌ ۾ 8 ڇڙي صاحب مختلف شهرن ۾ اسٿاپن ٿيل آهن. جنهن مان 6 ڇڙهيون هر سال ميلي تي ڏاڏي جا پانڌيئـڙا پيرين پنڌ کڻي ايندا آهن. باقي ٻه ڇڙهيون ڪن اڻتر حالتن جي ڪري يا فقير پاربرهم جي حڪم جي ڪري ميلي تي ڪونه اينديون آهن. اهي 8 ڇڙهيون هيٺين شهرن ۾ اسٿاپن ٿيل آهن.

بدين شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

بدين شهر ۾ جيڪا ڇڙي صاحب هن وقت اسٿاپن ٿيل آهي. اها شروع کان بدين شهر ۾ هوندي هئي.

جنهن جو پهريون ڇڙيدار مهراج ڪنيا لال هوندو هو. مهراج ڪنيا لال جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ سندس ڀائيٽو مهراج مرچو لال پريمي کي ڇڙيدار ٿاپيو ويو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ هن وقت موجوده ڇڙيدار سندس سُپتر مهراج راجه آهي. جيڪو هر سال ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو آهي.

اسلام ڪوٽ شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

اسلام ڪوٽ ۾ ڇڙي صاحب جيڪا هن وقت اسٿاپن ٿيل آهي. اها اڳئي خانه بدوش ڀيلن وٽ هوندي هئي. پوءِ فقير پاربرهم پرميشور جي حڪم سان انهن ڀيلن ڇڙي صاحب اچي ويڙهيجپ آستان تي پهچايائون. جيڪا شيوا جي پرتيڪش اسلام ڪوٽ واسين کي ڏني وئي. جنهن جو پهريون ڇڙيدار سيٺ ٽيڪچند کي ڪيو ويو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ سندس پٽ شري ليلارام هن وقت موجوده ڇڙيدار آهي. جيڪو هر سال پريم ۽ سچي ڀاونا سان پيرين پنڌ ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو آهي.

ڏيپلو شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

ڏيپلو شهر جي ڇڙي صاحب ورهاڱي کان پوءِ تقريبا 1949ع ۾ اسٿاپن ڪئي وئي. ان وقت ڇڙيدار سيٺ ساڌو مل ٻُرڙ کي ٿاپيو ويو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ سندس وڏو پٽ شري سوڀراج مل ٻُرڙ هن وقت موجوده ڇڙيدار آهي. جيڪو هر سال پريم ۽ سچي ڀاونا سان پيرين پنڌ ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو آهي

راجوخاناڻي شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

راڄوخاناڻي ۾ جيڪا ڇڙي صاحب اسٿاپن ٿيل آهي. ها فقير پاربرهم پنهنجي مکين جي ماتا تلوڪان کي درشن ڏئي چيائون ته مٽي جي دڙي ۾ جيڪو ترشول پيو آهي. اها کوٽائي ڪري ڪڍي ڇڙي صاحب جو روپ ڏئي هر سال ميلي تي کڻي ايندا ڪريو. پوءِ ٻاوي صاحب رڪمڻ داس اداسي جي اڳواڻي ۾ باقائدگي سان ميلي تي پيرين پنڌ کڻي ايندا هئا.

هن وقت موجوده ڇڙيدار ٻاوي رڪمڻ جو پٽ سائين سدامون آهي. جيڪو باقائدگي سان هي سال ڇڙي صاحب کي ميلي تي کڻي ايندو آهي.

ٽنڊوباگو شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

ٽنڊوباگو ۾ جيڪا ڇڙي صاحب هن وقت اسٿاپن ٿيل آهي. اها فقير پاربرهم جي حڪم سان تقريبا 1972ع ۾ پاربرهم شيوا منڊلي جي نوجوانن ٽيڪو.پي. تاراڻي ۽ ڀون داس جئيرام داس ترشول ٺهرائي اسٿاپن ڪيائون. جنهن جو پهريون ڇڙيدار پرمانند ڪنول کي ڪيو ويو. جيڪو ٻئي سال 1973ع ۾ ڪن مجبورين جي ڪري اها شيوا نڀائي نه سگهيو. انهيءِ کانپوءِٰ سيٺ ڀوڄو مل کي ڇڙيدار ٿاپيو ويو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ سندس ننڍو پٽ راجه ڀون اها شيوا اٽل وشواس سان ڪندي اچي پيو.

ڪلوئي شهر جي ڇڙي صاحب جو ورنن

ڪلوئي شهر ۾ هن وقت جيڪا ڇڙي صاحب اسٿاپن ٿيل آهي. اها ورهاڱي کان اڳ گادي دار ٻاوي مرچورام جي وقت کان ئي آهي. جيڪا اڳ ۾ باقائدگي سان ميلي تي پيرين پنڌ کڻي ايندي هئا. ورهاڱي کان پوء پهريون ڇڙيدار سيٺ ڀڳڙومل کي ٿاپيو ويو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ ڪجهه وقت لونگو ڇڙي صاحب کڻي ميلي تي ايندو هو.ڪن سبب ڇڙي صاحب کي ميلي جي مُک شيواڌارين سيٺ شوارام ٻرُڙ کي ڇڙيدار ٿاپيو. جنهن جي سرڳواس پڌارجڻ کان پوءِ هن وقت سندس وڏو پُٽ اشوڪ ڪمار اهو شيوا باقائدگي سان نڀائيندو پيو اچي.

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِوَ

هن وقت فقط سجاول ۽ چوهڙ شهر جون ڇڙهيون ميلي تي ڪونه اينديون آهن. باقي سڀني شهرن جون ڇڙهيون ميلي تي باقائدگي سان ڏاڏي جا جاٽئيـڙا کڻي ايندا آهن.

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِوَ

مٿي ڏنل مواد ڀڳت دولترام لالواڻي جي سينگاريل ڪتاب”پاربرهم پرڪاش” مان ورتل آهي. اگرڪنهن به ڏاڏي پاربرهم جي جاٽي کي مٿي ڏنل ڄاڻ ۾ ڪا غلطي نظر اچي ته مهرباني ڪري اسان کي هن غلطي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا.

Leave a Reply

This site uses Akismet to reduce spam. Learn how your comment data is processed.

error: Content is protected !!