Fakeerparbirham.com

ڏاڏا پاربرهم

Share with:


فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِو

5/5

ڏاڏي پار برهم جو ميلو

شري پاربرهم پارو ديو جوتي سروپ جيڪو پاري فقير يا پاربرهم جي نالي سان سڄي ٿر توڙي پوري سنڌ ۽ سناتن ڌرم ۾ هڪ اوچو پد رکي ٿو. ڏاڏي پاربرهم جو ميلو هر سال ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو شهر جي ويجهو ويڙهيجپ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄيٺ جي مهيني ۾ شُڪل پڪش جي تٿ نومي کان پڙوا تائين لڳندو آهي. ورهاڱي 1947 کان اڳ ته فقير پاربرهم جو ميلو ڄيٺ مهيني جي شُڪل پنڇمي تٿ کان لڳندو آهي.

ڏاڏي پاربرهم جون ڇڙيون ۽ انهن جا ورنن

فقير پاربرهم پنهنجي مڱيندي کي پوتي اوڍائي ڌرم جي ڀيڻ ڪري سڌو هنگلاج ماتا جي درشن تي روانا ٿيا. تڏهن هنگلاج ماتا فقير پاربرهم جا اهي سد ڏسي هڪ ترشول پيش ڪيو ۽ ورڌان ڏنو ته هن ترشول جي زريعي دکين جا دک دور ڪج. هنگلاج کان پو۽ فقير پاربرهم سڌو دوارڪاناٿ، بدري ناٿ، ڪيلاش ناٿ ۽ ٻين تيرٿن ڏانهن روانو ٿيو

ڏاڏو پاربرهم جوتي سروپ ۽ شنڪر جو روپ

ڏاڏو پاربرهم اصل ۾ ڪڇ ديش جي مڌسڌن نالي برهمڻ جا گهر ۾ اوتار ڌاري پرگهٽ ٿيا. سندس ماتا جو نالو ميگهه ٻاﺋﻲ هو. لونگرام…