Fakeerparbirham.com

ماتا پيوند جا جس

Share with:


ماتا پيوند

ماتا پيوند برهمڻ ڪُل مان هئي ۽ پرماتما جي تمام گهڻي ڀڳتي ڪندي هئي. فقير پاربرهم جي ميلي جو ۽ جوت جي درشن جو ٻين ياترين واتان ٻڌو ۽ تڏهن سندس دل ڇڪ ڏني ته مان پڻ ويڙهيجپ وڃي ان درويش جو درشن ڪريان. هڪ دفعي اها اڪير دل ۾ رکي ڪن ماتائن سان گڏجي ان درويش جي ميلي تي آئي پو۽ پاڻ سڀني کي چوندي هلي ڪي پريبرهم جو ميلو ڏور ٿو ڏسجي. ان بابت ماتا پيوند سائين جو جَس چيو آهي ۽ ماتا پيوند ان کان علاوه ڏاڏي پاربرهم جا انيڪ جَس چيا آهن. هر هڪ جَس سوتراميل ارٿ ۽ بنگلا سان ٺهيل آهن پر ڪن پرميين ٻن ٻن جَسن کي ملائي هڪ ڪري ڳايو آهي. جنهن ڪري اَهو سوتراميل نٿو ٿئي ۽ جَس جا ٻيان ڪيترا ئي چرن ٻين سنتن پاڻ شامل ڪري ٺاهيا آهن. ماتا پيوند جنهن به ڀڄن کي چوندي هئي اها دهُل تي پڻ ساڳئي سُر ۾ ٻڌڻ ۾ ايندو هو جئين ميران ٻائي پنهنجي سِڌ ۽ ٻڌ ڀلجي گرڌر گوپال جي پريم ۾ نچندي هئي. تئين ماتا پيوند پڻ ڏاڏي پاربرهم جي پريم ۾ بانوري ٿي ويندي هئي. ماتا پيوند پيرن پنڌ ويڙهيجپ تي هلڻ جو نشچو ڪيو ۽ مٿي جي پوتي ڳچي کي ويڙهي سندرو ٻڌي ڇڙي صاحب  سان پيرين پنڌ هلڻ لڳي ۽ سائين کان سوال ڪيائينئ پيرئين آءٌ نه پڄڻي حڪم سان هلاءٌ. ماتا پيوند کوروڙي جي دار ۾ پهتي جتا ويڙهيجپ باقي ٻه ميل جي فاصلي تي هو. اتُي ماتا پيوند کي ٿورو ٿڪ معلوم ٿيو ۽ ڪجهه اندر ۾ اڪير هئس جنهن ڪري جلد ملڻ لا۽ پڇا ڪيائين ته اڃا ڪيترو پنڌ آهي. ڇڙيدار جواب ڏنو ته هو پهريان جيڪي ڄاريون آهن اهِي ويڙهيجپ جي پهرين ڀٽ جو آهن ۽ جئين ويجهو ايندا ويا تئين ڇڙيدار کيس ٻڌايندو هو ته هو ڄار آهي جنهن ۾ ڌڄا ڏسجي پئي هو سائين جو ڪنڊو آهي. کيس ٿڪ لهي ويو ۽ ڇڙهي وٺي ڪلهن تي رکيائين ۽ پهريون جَس هن ريت چيائين.

ڀٽون ڏٺم پارو ڏيو جون منهنجي اندر ٿيو آرام

آءٌ تو کي نمان منهنجا ڏس جا ڏيو، ڏي ديا جو دان  

ماتا پيوند ٻائي جا ٻيا ڪيترا ئي جَس پڙهڻ لا۽ هيٺ ڏنل جَسن جي ٻول تي ڪلڪ ڪريو

پارو ڏيو منهنجو ٻيڙو تاري ڏي

آئون ڀريندس هن پِڙ جو پاڻي

پارو جاڳي جاڳائي ننڊ جي اَلول مان

ادي ڪا هلندي پارو ڏيو تي

جيءُ جاڳي اما پاٿي جوت پريبرهم جي

جڳه ڪري فقير جا بٽ گهرائيه جڳا نو جڳه ڙي