هي ويب سائٽ سٺي نموني ڏسڻ لا۽ مٿي ڏنل فونٽ ڊاون لوڊ ڪريو

Advertisements

 
 

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِوَ

ڏاڏو پاربرهم

 جوتي سروپ ۽ شنڪر جو روپ

ڊاڪٽر تيرٿ گُل اسلام ڪوٽ

ڏاڏو پاربرهم اصل ۾ ڪڇ ديش جي مڌسڌن نالي برهمڻ جا گهر ۾ اوتار ڌاري پرگهٽ ٿيا. سندس ماتا جو نالو ميگهه ٻاﺋﻲ هو.

لونگرام جي پراڻي ڪتاب پاربرهم پرڪاش مطابق ڏاڏو پاربرهم ننڍي هوندي ئي برهم ۾ لين هو. ساڌو سنگت ۾ هري ڪيرتن ۾ ايندو ويندو هو. سندس ويچار ۽ خيال تمام سادا ۽ آتما شڌ ۽ پويتر ﻫﺌﺎ. جئين جئين وڏو ٿيندو ويو سڀني وڪارن کان دور ٿيندو ويو. من سدائين پرماتما طرف رهندو هو گهر ۽ ڪاروبار کان پري رهندا هئا ڏاڏي پاربرهم جو هڪ برهمڻ جي گهر مها سندري ڪنيا سان مڱڻو ٿيل هو ڏاڏو الک جي روپ ۾ هو جنهن چاهيو ٿي ته سنسار کان نيارو رهي انياءِ کي پاڙ کان پٽي ڌرم جو هو هنڌ ڌاڪو ڄمايان. انهي ڪري هو مائٽن کان لڪي هڪ پوتي وٺي سندس ساهرن جي گهر ۾ وڃي منڱيتي جي مٿي تي پوتي پارائين ۽ پيرين تي هٿ رکي سندس ڀيڻ ڪيائين.

 اتان ڏاڏو سڌو هنگلاج هليو ۽ بعد ۾ ٻيا سڀ تيرٿ ڪيائين، جنهن ۾ ڪاشي ناٿ، بدريناٿ، ڪيڏارناٿ، ۽ ٻيا تيرٿ ڌام ڀيٽي اچي گرنار پهتو. ياد رهي ته ڏاڏي کي تيرٿ ڌامن تان ترشول مليا جيڪي اڄ به ڇڙين جي صورت ۾ آستانن تي رکيل آهن.

اتان ڏاڏو هليو اچي ڌرنگ نالي ڳوٺ ۾ شري گرو مهڪڻ ڪاپڙي صاحب جي منڊلي ۾ ترشول کوڙي ڌوڻو لگايائين،  شري گرو مهڪڻ ڪاپڙي جا اڳ 99 چيلا هئا.  ڏاڏو پاربرهم اتي خوب شيوا ڪرڻ لڳو ۽ گرو مهڪڻ ڪاپڙي کي پڻ وڻي ويو. ڏاڏي پاربرهم گرو مهڪڻ ڪاپڙي کان نام ورتو ۽ گرو ڪيائين.

ڏاڏو پاربرهم ڪرامت ۾ پنهنجي گرو کان به وڌي ويو. گرو مهڪڻ پڻ ڏاڏي پاربرهم جي اوچ پدوي ۽ عجب ڪرامتون ڏسي من ۾ خيال ڪيو ته اهڙي الک پرش (ڏاڏي پاربرهم) مان دنيا کي فائدو ملي ۽ ڏاڏي پاربرهم کي آگيا ڏني ۽ چيائين ته توهان ٿرديش جي مهوپٽڻ ڳوٺ ۾ وڃو جتي ماڻهن کي اُپديش ڏئيي هندو ڌرم جي لڄا رکو. ڏاڏو پاربرهم اُتان سڌو هليو اچي ٿر جي مهوپٽڻ ڳوٺ ۾ داخل ٿيا جتي غريبن، دکين ۽ محتاج ماڻهن جي شيوا ڪرڻ لڳا. رات جو انهن جي گهر جي گهر ۾ اچي اناج پهچائڻ، بيماريون دور ڪرڻ ۽ گهرن جا ڪم ڪار پڻ ڪندا هئا. سندس ڳوٺ ۾ کاري پاڻي کي پڻ مٺو بڻايائين. اهڙيون عجب ليلائون ڏسي ڳوٺ وارا سمجهي ويا ته هي درويش يقينن ڀڳوان جو روپ آهي ۽ اهي ڏاڏي پاربرهم جا مريد بڻجي ويا.

ڏاڏي پاربرهم مهوپٽڻ ۾ راول پير سان ملاقات ڪري سندس روح رهاڻ ڪياﺋﻴﻦ. راول پير جيڪو پڻ هڪ پهتل درويش هو جتي ڏاڏي پاربرهم جا جاٽي اڄ به ڄارصاحب تان واپس موٽندي پيرين پون ٿا. هڪ ڏينهن ڏاڏو پاربرهم ڄار جو ڏنڌڻ ڪري رهيو هو ۽ ڏنڌڻ ڪري اُهو پٽ تي کوڙي ڇڏياﺋﻴﻦ ۽ ٿوري وقت ۾ اهو وڏو ٿي هڪ وڻ ٿي ويو ۽ مٿانهون ڇانو ڪري بيٺو آهي جتان اڄ به جوت جاڳي ٿي ۽ جاٽي عزت سان جنهن کي ڄارصاحب جي نالي سان سڏيندا آهن.

ڏاڏو پاربرهم هڪ ڏينهن پڙ کان اُتر طرف ڪنڊي جي وڻ کي ڀاڪر پاﺋﻲ سندس سڄي جسم تي ڳڙ لڳاﺋﻲ بيهي رهيو. ٿوري دير ۾ ڳڙ جي مٺاج تي ماڪوڙا ۽ ماڪوڙيون اچي گڏ ٿيون ۽ ڳڙ کائڻ شروع ڪيائون ۽ ڳڙ سان گڏ ڏاڏي جو شرير پڻ کائجڻ لڳو. پر ڏاڏي پاربرهم اوم شوم  جي جاپ ڪرڻ ۾ لين هو تنهن ڪري پنهنجي شرير جي ڪا به سُڌ نه پيئي سڀ بدن جو ماس کائجي ويو پر اوم شوم  جو جاپ چالو رهيو. ٿوري دير کان پوءِ انهي سماڌي مان جاڳي وڻ کان اوڀر طرف اچي ويٺا، جتي ڏاڏي  پاربرهم جا پريمي ويٺل هئا. جتي پريمين کي چيائين اڄ تٿ پانچم ۽ ڏينهن پڻ سٺو آهي مان پنهنجي ڌام واپس وڃڻ چاهيان ٿو. ائين چئي هري اوم چئي شانت ٿي ويا ۽  سندس ديهه مان وڄ جهڙو چمڪاٽ نڪتو ۽ اهو سڌو ڀٽ تي ڄارصاحب ڏانهن هليو ويو. ويٺل ماڻهن سمجهيو ته ڏاڏو ايشوري جوت ۾ سمائجي ويو ۽ اهو چمڪاٽ ڏسي جوت جو درشن ڪري سڀني ويٺلن چيو سداشِوَ سداشِوَ سداشِوَ اکيون کولي ڏسن ته سا ئيجن  (ڏاڏو پاربرهم) سامهون  ئي ويٺا هئا.  وري ٿوري دير کان پوءِ ڏاڏو پاربرهم نڪ تي هٿ رکي جئين ماڻهو پاڻي ۾ ٽٻي هڻندا آهن ائين ڏاڏي زمين ۾ ٽٻي هڻي انتر ڌيان ٿي ويا سڀني ماڻهن اهو نظارو ڏسي جئه جئه ڪار ڪرڻ لڳا.

ماتا ميگهه ٻائي پنهنجي لال جون اهي عجب ڪرامتون ۽ انتر ڌيان جو ٻڌي اچي سرڳ ڌام (ويڙيجهپ) پڌاري ۽  ماتا ميگهه ٻائي جي سماڌي پڻ ڏاڏي پاربرهم جي سماڌي جي ڀرسان ٺهيل آهي.

 
     
Copyright SharmaJeLinks  All Rights are Reserved @ Sharma Je Links
Best Viewed at 800 X 600 Resolutions