هي ويب سائٽ سٺي نموني ڏسڻ لا۽ مٿي ڏنل فونٽ ڊاون لوڊ ڪريو

Advertisements

     

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِو

     
 

 اهو ڏينهن اگيارس جو پڻيه وارو ڏينهن هوندو آهي ڇڙي صاحبن کي اسٿاپت ڪري پلئه پائي جاتي، مُلڪ ۽ حاڪم ۽ رعيت جو ڀلي لاءِ دعا گهري ويندي آهي ۽ ائين سائين جو ميلو شروع ٿي ويندو آهي.

ٻئي ڏينهن تٿ ٻارس جو ڏاڏي پاربرهم جي سماڌصاحب جي اڳيان سائين جي ڌڄا صاحب اسٿاپت ڪئي ويندي آهي. انهي لاءِ شڀ مهورت وڌي پورن هَوَن يگيه ڪيو ويندو آهي. هن يگيه جا مک ججمان ميلي جي انتظاميه ڪميٽي مان ئي هوندا آهن، يگيه ۾ گهڻو ڪري سڀئي ڇڙيدار ۽ ڳڙيدار، پخالي،پنڊت مهاراج ۽ ساڌو سڀئي شريڪ آهن.

يگيه جي پورن آهوتي جي وقت رتن سنگت جا سڀ شيواڌاري ڌڄا صاحب کي وڌاوڻا ڳائي خوشي ۾ نچندي جهمريون هڻندي جل آشرم تان آڻي سماڌصاحب جي پرڪر ماڪرائڻ کان پوءِ هَوَن يگيه جي پرڪرما ڪرائي يگيه جي منترن سان ميلي جي مک انتظاميه، مک ڀنڊاري يا مک ڇڙيدار کان ڌڄا صاحب اسٿاپت ڪرائيندا آهن. اهو درشيه به نه وسرڻ جهڙو هوندو آهي. پوري پڙ ۾ هَوَن جو هٻڪار هوندي آهي. پوءِ ته سڄو ڏينهن اهڙو ئي آنند پيو ملندو آهي.

ڪنهن مهل ڪٽيا کان ته ڪنهن مهل ڪنهن ڪٽيا کان ڪي جاٽي ٽولن جي صورت ۾ سائين جي سماڌي تي چادرون پيا چاڙهين ته ڪي وري مست ٿي ڀڄن پيا ڳائن مطلب ته سڄو ڏينهن جنگل ۾ منگل هوندو آهي. .

روزانه صبع جو جاٽ اشنان ڪري پويتر ٿي ڏاڏي پاربرهم جي سماڌي۽ ماتا جي سماڌي تي شيش نمائي سائين جي ڌڄا ۽ ڄارصاحب جا درشن ڪري پوءِ پنهنجي شيوا ۾ لڳي ويندا آهن اها موج مستي ميلي جي ست نارائڻ يا ڪڏهن ان کان اڳ تڏهن پنهنجي عروج تي پهچي ٿي جڏهن سائين راضي ٿي پنهنجي پاڻ کي جوتي جي روپ ۾ پرگهٽ ڪري درشن ڏئي ٿو. ان وقت سائين جي جوت جو درشن پسَڻ سان ئي جسم ۾ عجيب شڪتي محسوس ٿيندي آهي ۽ درشن ڏسڻ واري جي ڪيفيت وجداني ٿي ويندي آهي. ٻلهار وڃان مرشد سائين فقير پاربرهم پرميشور جي نام تان شل هر سال سائين اسان سڀ جاٽين کي پنهنجي درشن جو ديدار ڏئي سان کي ڪرٿارت ڪري. ان کانپوءِ اڌ جاٽ ته رات جوئي پنهنجي ماڳن ڏانهن موٽڻ جي ڪري باقي بچيل جاٽ ٻي ڏينهن تٿ پڙوا تي ٿڪل ۽ مايوس پوي ڇو ته ڇهه ڏينهن ته موج مستي ڪئي سين سائين جا ديدار ڪري دلڙيون ٺارهيونسين. هاڻي وري شام جو ميلي جي پڄاڻي ٿي ٿئي سپ پيارن جاٽين کان موڪلائڻو پوندو. ان اميد سان ته ڏاڏو پاربرهم وري وڇڙيل ڪڏهن ٿو ملائي الائي هاڻوڪي سال ڪير هوندو جيءِٰ جيئرن جا ميلا آهن.

ڏاڏا تنهنجي در تي، سڪ سان ڪريون سوال،

ســوال  سهــــڻي  سوالـــين  جا،  سدا  ٿي  رکپال،

ڪر نظر سان نهال،  هن ساري رتن سنگت کي.

پنهنجا قيمتي رايا اسان کي ضرور ڏيو ته جئين اسان هن ويب سائٽ کي وڌيڪ بهتر نموني توهان اڳيان آڻي سگهون.

 
     
Copyright SharmaJeLinks  All Rights are Reserved @ Sharma Je Links
Best Viewed at 800 X 600 Resolutions