هي ويب سائٽ سٺي نموني ڏسڻ لا۽ مٿي ڏنل فونٽ ڊاون لوڊ ڪريو

Advertisements

     

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِو

     
 

ڏاڏي پاربرهم جو ميلو

 رَتن سنگت

شري تاراچند ڪوٽڪ ــ ڪراچي

شري پاربرهم پارو ديو جوتي سروپ جيڪو پاري فقير يا پاربرهم جي نالي سان سڄي ٿر توڙي  پوري سنڌ ۽ سناتن ڌرم ۾ هڪ اوچو پد رکي ٿو. ڏاڏي پاربرهم جو ميلو هر سال ضلعي ٿرپارڪر جي تعلقي ڏيپلو شهر جي ويجهو ويڙهيجپ نالي هڪ ڳوٺ ۾ ڄيٺ جي مهيني ۾ شُڪل پڪش جي تٿ نومي کان پڙوا تائين لڳندو آهي. ورهاڱي 1947 کان اڳ ته فقير پاربرهم جو ميلو ڄيٺ مهيني جي شُڪل پنڇمي تٿ کان لڳندو هي. ان کان پوءِ آهستي آهستي ميلو گهٽ ڏينهن لڳندو ويو. سال 1981ع ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جي جنگ ڪان پوءِ حلتون ناسازگار هجڻ ڪري هي ميلو صرف ٽي ڏينهن لاءِ لڳايو ويو ۽ ميلي تي عورتون به نه اچي سگهيون سواءِ هڪ راما ٻائي صاحب ۽ سندس شيوا چاڪري لاٰءِ ٻائي ٽلان جي، انهي کي ڏيپلو جي سيٺ ڏيارام، سيٺ ڀورو مل ۽ سيٺ گنگارام ڏيپلو مان وٺي آيا هئا. هن وقت هي ميلو ڄيٺ جو شُڪل پڪش جي تٿ ڏسم کان پڙوا تائين ست ڏينهن وڏي ڌام ڌوم سان لڳندو آهي جنهن ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف شهرن مان وڏي تعداد ۾ جاٽئـيڙا زالين مردين اچن ٿا.

هن ميلي ۾ سائين جا عقيدتمند جتي جتي ڏاڏي پاربرهم جي ڇڙهي صاحب اسٿاپت ٿيل آهن تن کي ڏاڏي پاربرهم جو ساکيات روپ سمجهي کين سينگاري انتهائي عقيدت ۽ احترام سان پنهنجي ڪلهن تي کڻي پيرن پنڌ (پيادل) مختلف شهرن جهڙوڪ راڄوخاناڻي، بدين، ڪلوئي، ٽنڊوباگو، اسلام ڪوٽ ۽ ڏيپلو مان کڻي سائين جي پويتر پڙ م پهچائيندا آهن.

هي ميلو شايد پوري دنيا ۾ هڪ ئي آهي جو سائين جوتي سروپ پاربرهم پاڻ پنهنجي ڄارصاحب مان ساکيات درشن ڏيئي پنهنجن جاٽين کي ڪرٿارت ڪن ٿا. انهي ڪري هن ميلي کي هڪ انفرادي حيثيت حاصل آهي.  ميلي جي شروعات سائين جن جي ڇڙي صاحبن کي گڏجي عزت ۽ احترام سان سداشو جي ٻولن سان وڌائي پڙ ۾ ڏاڏي پاربرهم جي سماڌي جي اڳيان اسٿاپنا ڪئي ويندي آهي. اهو درشيه ڏسڻ وٽان هوندو آهي.

 هي هڪ جاٽي چاهيندو آهي ته هو هڪ وار ڇڙي صاحبن جو درشن ڪري کين سُپرش ڪن. اُن وقت پوري پڙِ ۾ سداشو سداشو جي نعرن جي گونج هوندي آهي. هر ڪو آنند ۽ موج ۾ هوندو آهي. ڇهه ئي ڇڙيدار ڇڙين کي ڪُلهو ڏئي سڀ کان اڳ ۾ هوندا آهن انهن پويان زالن توڙي ٻارن جو سمنڊ سداشو سداشو جي نعرن سان ائين پيو ايندو آهي جئين ڪنهن مهاراجا جي سواري پئي اچي.

 
     
Copyright SharmaJeLinks  All Rights are Reserved @ Sharma Je Links
Best Viewed at 800 X 600 Resolutions