هي ويب سائٽ سٺي نموني ڏسڻ لا۽ مٿي ڏنل فونٽ ڊاون لوڊ ڪريو

Advertisements

 
 

وسَي ويڙهيجپ

ڏاڏي پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِو

وسَي ويڙهيجپ
 
     
 
ڏاڏي پاربرهم جون ڇڙيون ۽ انهن جا ورنن

(ڀڳت دولترام لالواڻي)

 فقير پاربرهم پنهنجي مڱيندي کي پوتي اوڍائي ڌرم جي ڀيڻ ڪري سڌو هنگلاج ماتا جي درشن تي روانا ٿيا. تڏهن هنگلاج ماتا فقير پاربرهم جا اهي سد ڏسي هڪ ترشول پيش ڪيو ۽ ورڌان ڏنو ته هن ترشول جي زريعي دکين جا دک دور ڪج. هنگلاج کان پو۽ فقير پاربرهم سڌو دوارڪاناٿ، بدري ناٿ، ڪيلاش ناٿ ۽ ٻين تيرٿن ڏانهن روانو ٿيو. جتان به فقير پاربرهم کي شڪتي روپ ترشول ڀيٽ ۾ مليو ڇو ته فقير پاربرهم ۾ انهي مهان هستين نراڪار ۽ ساڪار روپ ٻنهي جو دشن ڪيائون ۽ انهي لائق سمجهائون. اهي مليل ترشول اڳتي هلي ڇڙي صاحب جي روپ ۾ هن وقت فقير پاربرهم جي ميلي تي ڏاڏي جا پانڌئيـڙا سينگاري، پيرين پيادي ڪلهي تي کڻي هر سال ايندا آهن. انهن ڇڙين ۾ ڪي اهي ترشول به آهن جيڪي فقير پاربرهم کي تيرٿ ياترا دوران ڀيٽ ٿي مليا هئا ۽ باقي اهڙا ترشول آهن جيڪي پوءِ ڏاڏي پاربرهم پنهنجي سچن شيواڌارين کي سپني ۾ درشن ڏئي پوري پارپتي سام انهن کي پردان ڪيا.

هونهن ته هن وقت سنڌ ۽ هنڌ ۾ ٽوٽل 28 يا 30 کن ڇڙي صاحب هونديون. پر موجوده وقت سنڌ ۾ 8 ڇڙي صاحب مختلف شهرن ۾ اسٿاپن ٿيل آهن. جنهن مان 6 ڇڙهيون هر سال ميلي تي ڏاڏي جا پانڌيئـڙا پيرين پنڌ کڻي ايندا آهن. باقي ٻه ڇڙهيون ڪن اڻتر حالتن جي ڪري يا فقير پاربرهم جي حڪم جي ڪري ميلي تي ڪونه اينديون آهن. اهي 8 ڇڙهيون هيٺين شهرن ۾ اسٿاپن ٿيل آهن.

هن وقت فقط سجاول ۽ چوهڙ شهر جون ڇڙهيون ميلي تي ڪونه اينديون آهن. باقي سڀني شهرن جون ڇڙهيون ميلي تي باقائدگي سان ڏاڏي جا جاٽئيـڙا کڻي ايندا آهن.

فقير پاربرهم جا جاٽي چئو سداشِوَ

مٿي ڏنل مواد ڀڳت دولترام لالواڻي جي سينگاريل ڪتابپاربرهم پرڪاش مان ورتل آهي. اگرڪنهن به ڏاڏي پاربرهم جي جاٽي کي مٿي ڏنل ڄاڻ ۾ ڪا غلطي نظر اچي ته مهرباني ڪري اسان کي هن غلطي جي باري ۾ ڄاڻ ڏيندا.

 
Copyright SharmaJeLinks  All Rights are Reserved @ Sharma Je Links
Best Viewed at 800 X 600 Resolutions